ڇاپرُو ٻير2

ڇاپرُو ٻير2

ڇاپرُو ٻير2

ڇاپرُو ٻير2

ڇاپرُو ٻير2

ڇاپرُو ٻير: ڇاپرُو يعني جابلو ٻير. ڪوهستان ۾ جبل کي عام طرح ڇپر چوندا آهن، جيئن شاهه لطيف چيو آهي:

ڇپر ڪين ڏئي، سوکڙيون سُتن کي.جابلو ٻيرين ۾ جيڪي ٻير ٿين، تن کي ’ڇاپرُو ٻير‘ چوندا آهن. هي ٻيرين جا وڻ، ننڍن ٻوٽن جي شڪل ۾ هوندا آهن. سياري جي مند ۾ انهن ٻير جي ٻوٽن ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڳاڙها ٻير ٿيندا آهن، هي ٻيرين جا ٻوٽا وڌ ۾ وڌ گوڏي جيڏا ٿين ٿا. سڄو ٻوٽو ڳاڙهن ٻيرن سان ٽمٽار هوندو آهي، اهي ’ڇاپرو ٻير‘ کائڻ ۾ ڏاڍا لذيذ هوندا آهن، هنن ٻيرن کي ’ڄاڱرو ٻير‘ به چوندا آهن. هنن ٻير جي وڻن ۾ ڪپڙو ڦاٿو ته ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. فرهنگ جعفري موجب ڇاپرو ٻير ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن، جيڪي دل کي خوش ڪندڙ، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏيندڙ آهن.

- هندن جي هڪ عبادت کي پڻ ڇاپرُو چيو وڃي ٿو، اُهي هندو ڪراچيءَ کان لس ٻيلي ۽ ملير کان ٿاڻي بولا خان تائين رهندڙ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو